Episode 44: 3gp.سنڌي يسوع جي عبادت ڪريو

==== " Words of Life", "Good News", "Gospel Songs" - Arabic, Gulf Arabic And Other Foreign Language ==== - Un pódcast de United ArabEmirates GoodNews

Sindhi Worship for Jesus.3gp / 3gp.عبادة السندية ليسوع //1.ڪرنٿين 151. ھاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اھا خوشخبري ياد ڏياريان ٿو، جيڪا اوھان کي ٻڌائي ھيم. اوھان اھا قبول ڪئي ۽ انھيءَ تي اوھين قائم بہ آھيو. 2. اھا ئي خوشخبري آھي جا اوھان کي ٻڌائي ھيم. انھيءَ جي وسيلي اوھان کي نجات ملي ٿي، بشرطيڪ اوھين انھيءَ تي مضبوطيءَ سان پابند آھيو، نہ تہ اوھان جو ايمان آڻڻ اجايو آھي.3.  ۵۳‎ جيڪي مون کي مليو تنھن کي سڀ کان اھم سمجھي اوھان تائين پھچايم، تہ پاڪ لکتن موجب مسيح اسان جي گناھن جي واسطي مئو.4.  پوءِ ھو دفن ڪيو ويو ۽ پاڪ لکتن موجب ٽئين ڏينھن تي وري جي اٿيو. 5.  ان سان گڏ پطرس ۽ بعد ۾ ٻارھن ئي رسولن کي ڏيکاري ڏنائين.6. ​تنھن کان پوءِ ھڪ ئي وقت پنجن سون کان وڌيڪ ايمان وارن کي ڏيکاري ڏنائين، جن منجھان گھڻا اڃا تائين جيئرا آھن، جيتوڻيڪ ڪجھہ مري ويا آھن.7. وءِ وري ھن يعقوب ۽ بعد ۾ ٻين سڀني رسولن کي ڏيکاري ڏني.8. سروسڀ کان پوءِ ھن مون کي بہ ڏيکاري ڏني، ڄڻ تہ آءٌ اڌوري وقت تي ڄائو 9.ل اءِ⁠تہ آءٌ رسولن ۾ سڀني کان گھٽ آھيان ۽ رسول سڏجڻ جو بہ حقدار ناھيان، ڇوتہ خدا جي ڪليسيا کي ستايو ھوم. 10. پر جيڪي ڪجھہ آھيان، سو خدا جي فضل سان آھيان ۽ خدا جو فضل مون تي اجايو نہ ھو. بلڪ مون ٻين سڀني رسولن کان وڌيڪ محنت ڪئي، تنھن ھوندي بہ آءٌ نہ، پر اھو خدا جو فضل ھو جيڪو مون ساڻ آھي. 11. پتہ پوءِ آءٌ ھجان يا اُھي، اسين سڀ ساڳي ئي تبليغ ڪريون ٿا ۽ اوھان انھيءَ تي ئي يمان بہ آندو.